ڀارتي فوج جي ڪنٽرول لائين وٽ بنا جواز فائرنگ ۽ گولاباري جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد ٿي ويا

loc-191116

ڀارتي فوج جي ڪنٽرول لائين وٽ بنا جواز فائرنگ ۽ گولاباري جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد ٿي ويا، پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ ڪيترائي ڀارتي فوجي به مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي فوج ڪنٽرول لائين تي بمڀر سيڪٽر ۾ ٿوب وٽ بنا جواز فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 3 جوان نائڪ غلام رسول، نائڪ عمران ظفر ۽ سپاهي امام بخش سخت زخمي ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر موجب ٽنهي جوانن بعد ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جوابي ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي ڀارتي فوجي به مارجي ويا آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*