پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته لاهور ۾ آپگهاتي ڌماڪو ڪندڙ بمبار جي سي سي ٽي وي فٽيج جي مدد سان سڃاڻپ ٿي وئي آهي

Rana-Sana-Ullah-13217

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته لاهور ۾ آپگهاتي ڌماڪو ڪندڙ بمبار جي سي سي ٽي وي فٽيج جي مدد سان سڃاڻپ ٿي وئي آهي، ڌماڪي ۾ پرڏيهي هٿ ملوث هئڻ وارو امڪان رد نه ٿو ڪري سگهجي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته آپگهاتي بمبار واقعي واري هنڌ پهتو ته پوليس جي بهادر آفيسرز ۽ جوانن کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران هن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

راڻا ثناءُ الله چيو ته ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪيپٽن مبين ۽ وقتي ڊي آءِ جي زاهد گوندل شهرين جي جانين جو تحفظ ڪرڻ لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو ۽ وڌيڪ جاني نقصان ٿيڻ نه ڏنو. صوبائي وزير چيو ته ڌماڪي ۾ پرڏيهي هٿ جي ملوث هئڻ جو امڪان رد نه ٿو ڪري سگهجي.

راڻا ثناءُ الله چيو ته لاهور ۾ پاڪستان سپر ليگ جو فائينل به رٿيل هو ۽ لاهور کي محفوظ ترين شهر قرار ڏنو پئي ويو. اهڙي وقت لاهور ۾ دهشتگردي ڪيترائي سوال اٿاريا آهن، ان سلسلي ۾ به اثرائتي جاچ ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*