ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو ويو

ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.

جناح اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسپٽاف ٽن مهينن کان الائونس جاري ٿيڻ ڪري او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن ملازمن جو چوڻ هو ته ٽن مهينن کان الائونس جاري نه ڪري ملازمن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، جيڪا وڏي ناانصافي آهي.

 ملازمن جو اهو به چوڻ هو ته 18 ترميم کانپوءِ اسپتالون صوبن حوالي ڪيو ويون آهن، جنهن کانپوءِ سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار پاران ڪي به فنڊز جاري نه پيا ڪيا وڃن.

  ملازمن مطالبو ڪيو ته الائونس ۽ روڪيل فنڊز جاري ڪيا وڃن ، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*