وزيراعظم نوازشريف لاهور ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرديءَ جي خاتمي واري جنگ وڙهي رهيا آهيون

Nawaz-Sharif-0100

وزيراعظم نوازشريف لاهور ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته  دهشتگرديءَ جي خاتمي واري جنگ وڙهي رهيا آهيون، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا به واقعي جي مذمت ڪندي انٽيليجنس ادارن کي سولين انتظاميا سان ڀرپور سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وزيراعظم نوازشريف پنهنجي بيان ۾ لاهور ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ جاري رکي ويندي.

هن چيو ته اسان ملڪ جي بقا خاطر دهشتگرديءَ جي خاتمي واري جنگ وڙهي رهيا آهيون.

نواز شريف جو چوڻ هو ته سينيئر پوليس آفيسرز جون شهادتون ڪنهن به صورت ۾ رائيگان ٿيڻ نه ڏنيون وينديون.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا به لاهور ڌماڪي واري واقعي جي مذمت ڪندي انساني جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف انٽيليجنس ايجنسيز کي ڌماڪي جي زخمين کي طبي امداد پهچائڻ لاءِ سول انتظاميا سان مڪمل سهڪار ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*