ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ ٽارگيٽ ڪلر مارجي ويو
ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ مبينه پوليس مقابلي دوران هڪ ٽارگيٽ ڪلر مارجي ويو آهي.
ڪراچي پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي اورنگي ٽائون ۾ ڇاپو هنيو ويو.
ڪراچي پوليس موجب ڇاپي دوران ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٽارگيٽ ڪلر مارجي ويو آهي.
ڪراچي پوليس موجب مارجي ويل ٽارگيٽ ڪلر هڪ سياسي پارٽي جي ورڪر سميت چئن ڄڻن جي خون ۾ ملوث هو.