خيرپور ۾ هٿياربند ٽريڪٽر ٽرالي ڦر ڪرڻ بعد ٽريڪٽر ڊرائيور کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا آهن

khairpur-map10-8

خيرپور ۾ هٿياربند ٽريڪٽر ٽرالي ڦر ڪرڻ بعد ٽريڪٽر ڊرائيور کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا آهن.

خيرپور ويجهو شاهه حسين باءِ پاس وٽ قومي شاهراهه تي هٿياربندن هڪ ٽريڪٽر ٽرالي جي ڊرائيور تي قبضو ڪري کيس اغوا ڪيو، جڏهن ته سندس ٽريڪٽر ٽرالي به ڦري فرار ٿي ويا.

هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل ٽريڪٽر ڊرائيور الهوڌايو خانپور جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي جڏهن ته ٽريڪٽر ٽرالي نثار احمد ميمڻ جي ملڪيت آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*