ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ٽارگيٽيڊ آپريشن دوران 6 ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

Rangers-2426-19916

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ٽارگيٽيڊ آپريشن دوران 6 ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، رينجرز ترجمان موجب گرفتار ڪيل ٻن ڏوهارين جو تعلق هڪ سياسي جماعت جي عسڪري ونگ سان آهي.

رينجرز موجب شاهه فيصل ڪالوني، ملير، ڪورنگي، نيو ڪراچي ۽ اورنگي ٽائون ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن دوران 5ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو.

ترجمان موجب گرفتار ڪيل ٻن ڏوهارين جو تعلق هڪ سياسي جماعت جي عسڪري ونگ سان آهي،جيڪي شهر ۾ مختلف وارداتن ۾ ملوث آهن.

رينجرز گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*