سعيد اجمل بالنگ ايڪشن جي بائيو مڪينڪ ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ ڀارت پهچي ويو

آءِ سـِي سي جـِي پابندي جو شڪار پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي جادوگر اسپنر سعيد اجمل جي مستقبل جي فيصلي لاءِ حتمي بالنگ ٽيسٽ اڄ ڀارت جي شهر چنائي ۾ ٿي رهي آهي، ٽيسٽ ڪليئر ڪرڻ جي صورت ۾ اجمل کي انٽرنيشنل ميچز ۾ بالنگ ڪرائڻ جي اجازت ملي سگهي ٿي، ٻي صورت ۾ مٿس هڪ سال پابندي لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي.

سعيد اجمل بالنگ ايڪشن جي بائيو مڪينڪ ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ ڀارت پهچي ويو آهي، چنائي ۾ سندس ٽيسٽ ٿيندي.

آءِ سـِي سـِي سعيد اجمل تي گذريل سال سيپٽمبر ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ميچ دوران سعيد اجمل جي بالنگ ايڪشن شڪي قرار ڏني هئي، جنهن بعد مٿس پابندي لڳائي وئي.

سعيد اجمل بالنگ ايڪشن بهتر ڪرڻ لاءِ مسلسل محنت ڪئي، جنهن لاءِ اڳوڻي آف اسپنر ثقلين مشتاق ۽ اڳوڻي فاسٽ بالر محمد اڪرم سندس مدد ڪئي.

سعيد اجمل باضابطه ٽيسٽ کان اڳ غير رسمي ٽيسٽ پڻ ڏنيون، جنهن جا نتيجا بهتر هئا پر سندس باضابطه ٽيسٽ اڄ چنائي ۾ ٿيندي.

سعيد اجمل اميد ظاهر ڪئي آهي ته سندس ٽيسٽ ڪليئر ٿي وئي ته هو عوام آڏو هڪ نئين ايڪشن سان سامهون ايندو.

آءِ سي سي جي قانون موجب، جيڪڏهن سعيد اجمل هي ٽيسٽ ڪليئر نه ڪئي ته مٿس هڪ سال جي پابندي پڻ لڳي سگهي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*