نيشنل اڪائونٽبلٽي بيورو نيب سکر جي ٽيم پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ خيرپور جي آفيس تي ڇاپو هڻي چئن ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

Nab-21916

نيشنل اڪائونٽبلٽي بيورو نيب سکر جي ٽيم پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ خيرپور جي آفيس تي ڇاپو هڻي چئن ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

نيب سکر جي ٽيم خيرپور ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي آفيس تي ڇاپو هنيو.

ڇاپي جو ٻڌي آفيس جا ڪيترائي ملازم کِسڪي ويا، جڏهن ته نيب جي ٽيم ٻن ڪلارڪن سميت چئن ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو.

پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جو ٻن سالن جو رڪارڊ نيب جي تحويل ۾ هجڻ سبب ڪيترائي معاملا اُلجهيل آهن، ڪيترائي ٺيڪيدار پنهنجا بل پاس ڪرائڻ لاءِ پريشان آهن، سندن چوڻ آهي ته آفيسن کي رڪارڊ کان محروم ڪري ادارا ادارن سان زيادتي ڪري رهيا آهن…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*