وزير اعظم نواز شريف ڪراچي ۾ امن مسقن جو جائزو وٺڻ بعد لاهور پهتو آهي، جتي امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو

Nawaz-Sharif-Karachi-8916

وزير اعظم نواز شريف ڪراچي ۾ امن مسقن جو جائزو وٺڻ بعد لاهور پهتو آهي، جتي امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو.

وزير اعظم ميان نواز شريف جي ڪراچي پهچڻ تي گورنر سنڌ محمد زبير ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سندس آجيان ڪئي.

وزير اعظم نواز شريف ڪراچي ۾ سامونڊي مشقن جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪري مشقن جو جائزو ورتو، جنهن بعد هو لاهور روانو ٿيو.

وزير اعظم نواز شريف کي ڪراچي ۾ امن امان بابت اجلاس جي صدارت ڪرڻي هئي پر لاهور ڌماڪي کان پوءِ واري صورتحال سبب هو ڪراچي ۾ پنهنجون سموريون مصروفتيون معطل ڪري لاهور پهتو آهي.

وزير اعظم نواز شريف لاهور ۾ امن امان بابت اجلاس جي صدارت ڪندو، جنهن دوران کيس ڌماڪي واري واقعي بابت بريفنگ ڏني ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*