رينجرز ۽ پوليس دهشتگردي ختم نٿي ڪري سگهي، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان

Imran-Khan-Pti-21117

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان   چيو آهي ته رينجرز ۽ پوليس دهشتگردي ختم نٿي ڪري سگهي، جيڪڏهن قومي ايڪشن پلان تي عمل ٿئي ها ته ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو اچي وڃي ها.

لاهور ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پوري قوم لاهور ڌماڪي جي شهيدن جي وارثن سان گڏ آهي.

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته ڪي پي جي پوليس جو شمار  دنيا جي بهترين پوليس ۾ ٿئي ٿو، پوليس کي غير سياسي ، سنڌ ۽ پنجاب جي پوليس کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته حمزا شهباز رائيونڊ ۾ ويهي ايس ايڇ او مقرر ڪندو آهي۽ ضرب عضب جي ڪاميابي لاءِ فاٽا اصلاحات جي ضرورت آهي.

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته  ن ليگ جي بد نيتي سبب پوليس ٺيڪ نه پئي ٿئي،پوليس جو معيار درست هوندو ته دهشتگردي ختم ٿي ويندي.

عمران خان   چيو ته رينجرز ۽ پوليس دهشتگردي ختم نٿي ڪري سگهي، جيڪڏهن قومي ايڪشن پلان تي عمل ٿئي ها ته ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو اچي وڃي ها.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*