دهشتگردي جو ناسور ختم ڪرڻ تائين سک سان نه ويهنداسين,وزيراعظم نوازشريف

Nawaz-Sharif-14217

لاهور ڌماڪي سبب وزيراعظم نوازشريف ڪراچي جو دور مختصر ڪري لاهور پهتو، وزيراعظم گورنر هائوس ۾ امن امان بابت اجلاس جي صدارت ڪئي، اجلاس دوران اختيارين بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته بم ڌماڪي جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، نوازشريف چيو آحي ته دهشتگردي جو ناسور ختم ڪرڻ تائين سک سان نه ويهنداسين.

لاهور ڌماڪي کانپوءِ وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس دوران ڌماڪي جي جاچ ۾ اڳڀرائي بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي.

گورنر هائوس لاهور ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، قومي سلامتي بابت صلاحڪار ناصر جنجوعا، گورنر پنجاب، وڏي وزير شهباز شريف، دفاع واري وفاقي وزير ۽ ٻين جي شرڪت ڪئي.

وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته دهشتگردن خلاف جاري ڪاررواين کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو ۽ دهشتگردي جو ناسور ختم ٿيڻ تائين سک جو ساهه نه کڻنداسين.

ان اکان اڳ وزيراعظم کي سيڪيورٽي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته، آپگهاتي بمبار ۽ سندس سهولتڪارن بابت ڄاڻ ملي وئي آهي ۽ جلد انهن کي قانون جي جڪڙ ۾ آندو ويندو.

عملدارن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته شهيد ڊي آءِ جيز جو واقعي واري هنڌ وڃڻ سندن شيڊيول ۾ شامل نه هو ۽ اهي اوچتو ڌماڪي کان اڳ اتي پهتا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*