برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي عالمي ڪرڪيٽ ۾ ميچ فڪسنگ جي معاملي ۾ جاري جاچ دوران ٻن ڄڻن کي حراست ۾ وٺڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي

National-Crime-14217

برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي عالمي ڪرڪيٽ ۾ ميچ فڪسنگ جي معاملي ۾ جاري جاچ دوران ٻن ڄڻن کي حراست ۾ وٺڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن گرفتارين جو تعلق پاڪستان سپر ليگ جي ميچ فڪسنگ اسڪينڊل سان آهي.

نيشنل ڪرائيم ايجنسي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل ٻنهي فردن جي عمر 30 کان 40 سالن جي وچ ۾ آهي ۽ هنن کي 13 فيبروري تي گرفتار ڪيو ويو هو. ترجمان موجب گرفتار ڪيل جوابدارن کي هاڻي اپريل 2017 تائين ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي.

نيشنل سيڪيورٽي ايجنسي پاران جاري ڪيل بيان ۾ گرفتار ٿيل ماڻهن جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي وئي آهي ۽ نه وري اهو ٻڌايو ويو آهي ته انهن جو تعلق ڪهڙي ملڪ سان آهي. اداري موجب هلندڙ جاچ جي سلسلي ۾ هو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ آءِ سي سي جي اينٽي ڪرپشن يونٽس سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.

نيشنل سيڪيورٽي ايجنسي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ان سلسلي ۾ پنهنجي جاچ به ڪري رهيو آهي ۽ ٽن ڪرڪيٽرس کي معطل ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بڪيز سان رابطا ڪرڻ جي الزام هيٺ شرجيل خان ۽ خالد لطيف کي معطل ڪرڻ کانپوءِ انهن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري چڪو آهي.

پي سي بي پاران اڳوڻي اوپنر ناصر جمشيد کي به اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي معطل ڪري سمورين فارميٽس جي ڪرڪيٽ ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو ويو آهي. انهن ٽنهي رانديگرن کانسواءِ فاسٽ بالر محمد عرفان خلاف به جاچ جاري آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته شرجيل خان ۽ خالد لطيف هڪ ٻئي جي خلاف بيان ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويا آهن ۽ خالد لطيف سلطاني گواهه ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*