عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته سموري دنيا ۾ ڪرپشن خلاف آواز اٿي رهيو آهي

shaikh rasheed

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته سموري دنيا ۾ ڪرپشن خلاف آواز اٿي رهيو آهي، انشاءَ الله ڪرپشن جو تابوت عدالت مان  ئي نڪرندو.

سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي ۾ شرڪت لاءِ پهتل شيخ رشيد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شڪر آهي ته جسٽس سعيد عظمت صحتياب ٿي ٻيهر پاناما ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ جو حصو بڻجي ويو آهي.

شيخ رشيد چيو ته سموري دنيا ڪرپشن خلاف اٿي کڙو ٿيو آهي، انشاءَ الله ڪرپشن جو تابوت عدالت مان ئي نڪرندو.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته اميد آهي ته عدالت پاناما ڪيس ۾ ملوث ڪرپٽ حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيندي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*