شيخوپوره ۾ فيڪٽري جو بوائلر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا

shaikhupura

شيخوپوره ۾ فيڪٽري جو بوائلر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪري طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

خانپور واري علائقي ۾ قائم فيڪٽري جو بوائلر اوچتو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪم ڪندڙ 20 پورهيت زخمي ٿي پيا.

زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته فيڪٽري جو بوائلر ڦاٽڻ واري معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*