مهمند ايجنسي جي هيڊڪوارٽر غلنئي جي گيٽ تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ليويز اهلڪارن سميت 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا

mohmand-agency-BLast-Sucide-15217

مهمند ايجنسي جي هيڊڪوارٽر غلنئي جي گيٽ تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ليويز اهلڪارن سميت 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، هڪ شڪي بمبار کي گرفتار ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ليويز پاران روڪڻ تي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

فاٽا جي علائقي مهمند ايجنسي ۾ پوليٽيڪل ڪالوني جي مک گيٽ تي ڌماڪي جي نتيجي چئن ليويز اهلڪارن سميت 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي، سڪيورٽي فورسز ڌماڪي واري هنڌ کي گهيري هيٺ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب ڌماڪي واري هنڌ تان هڪ شڪي بمبار کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري کانئس جاچ ڪئي پئي وڃي.

آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ليويز پاران روڪڻ تي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*