سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي سرڪلر ريلوي جي زمين تان حد دخليون فوري طور هٽائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي

cm khi

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي سرڪلر ريلوي جي زمين تان حد دخليون فوري طور هٽائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته هاڻي مذاق ختم ٿيڻ گهرجي  انتظاميه ۽ پوليس حد دخليون هٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن، جتي به قبضا ٿيندا اتان جي لاڳاپيل عملدار خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي سرڪلر ريلوي بابت اجلاس ٿيو.

اجلاس دوران وڏي وزير کي سرڪلر ريلوي جي زمين تي قبضن ۽ گهرن جي اڏاوت بابت بريفنگ ڏني وئي.

بريفنگ ۾ چيو ويو ته سرڪلر ريلوي جي زمين تي ڪچا پڪا گهر ٺهيل آهن، تنهنڪري انهن کي بيدخل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

وڏي وزير چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي کي وڏي مشڪل سان سي پيڪ منصوبي ۾ شامل ڪرايو آهي، عوامي منصوبي کي هر صورت ۾مڪمل ڪرايو ويندو.

وڏي وزير ڪراچي سرڪلر ريلوي جي زمين تان فوري طور قبضا هٽائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته  جڏهن قبضا ٿيندا آهن ته ان وقت ضلعي انتظاميه ۽ پوليس ستل هوندي آهي ڇا؟

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سرڪلر ريلوي جي زمين تي 2013 تي ويٺل ماڻهن کي معاوضو ڏيڻ بابت سوچيو ويندو، باقي جتي جتي به قبضا آهن اهي فوري طور هٽايا وڃن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*