سنڌ سرڪار ۽ چائنيز ڪمپني وچ ۾ ٿرڪول پراجيڪٽ جي بلاڪ هڪ ۾ 660 ميگا واٽ بجلي گهر جي تعمير بابت معاهدو ٿي ويو آهي

Murad-Ali-Shah-China-Compny-Meeting-15217

سنڌ سرڪار  ۽ چائنيز ڪمپني وچ ۾ ٿرڪول پراجيڪٽ جي بلاڪ هڪ ۾ 660 ميگا واٽ بجلي گهر جي تعمير بابت معاهدو ٿي ويو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر جو ڪوئلو ملڪ مان توانائي بحران جي خاتمي جي حل طرف وڃي رهيو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه سان چائنه ڪول اينڊ انجنيئرنگ ڪمپني جي چيئرمين مسٽر وانگ جيو جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران سنڌسرڪار ۽ چيني ڪمپني وچ ۾ٿر ڪول پراجيڪٽ جي بلاڪ هڪ ۾ 7ڏهائي 8 ميٽرڪ ٽن ڪوئلو ڪڍڻ ۽ 660 ميگا واٽ بجلي گهر جي اڏاوت بابت معاهدو ڪيو ويو.

وڏي وزير مراد علي شاهه چائنيز ڪمپني کي ٿر ڪول پراجيڪٽ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي ڀليڪار ڪندي چيو ته ٿر ڪول پراجيڪٽ ملڪ مان بجلي بحران جي خاتمي طرف وڃي رهيو آهي، ٿر جي ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي سان ملڪ جلد روشن ٿي ويندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*