پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پنهنجي نااهلي بابت نواز ليگ جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

Election-Imran-Khan-23117

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پنهنجي نااهلي بابت نواز ليگ جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جواب ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ ميمبر خلاف سڌيءَ ريت اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرڻ جو ڪوبه جواز ناهي،  ڪنهن به ميمبر خلاف ڪارروائي لاءِ اليڪشن ٽربيونل مجاز ادارو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته عمران خان جي نااهلي بابت درخواست تي 22 فيبروري تي فيصلو ٻڌايو ويندو.

چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جي 5 رڪني بئنچ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ جهانگير ترين جي نااهلي بابت ريفرنسز ۽ درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

اليڪشن ڪمشنر نواز ليگ وڪيل اڪرم شيخ جي غير موجودگي تي پڇاڻو ڪيو، جنهن تي ن ليگ وڪيل ٻڌايو ته هــُو سپريم ڪورٽ هليو ويو آهي.

نواز ليگ جي وڪيل ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي، جنهن تي چيف اليڪشنر ڪمشنر چيو ته سموريون التوا جون درخواستون اوهان وٺو ٿا، پوءِ چيو وڃي ٿو ته اسين ٻڌڻيءَ ۾ دير ڪري رهيا آهيون.

اليڪشن ڪميشن عمران خان جي نااهلي بابت ريفرنس تي ٻڌڻي 22 فيبروري تائين ملتوي ڪندي چيو آهي ته ايندڙ ٻڌڻيءَ تي فيصلو ٻڌايو ويندو.

عمران خان جي وڪيل طرفان نااهلي بابت درخواست تي جواب داخل ڪرايو ويو، جڏهن ته جهانگير ترين جي وڪيل جواب جمع نه ڪرايو.

جواب ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ ميمبر خلاف سڌيءَ ريت اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرڻ جو ڪوبه جواز ناهي،  ڪنهن به ميمبر خلاف ڪارروائي لاءِ اليڪشن ٽربيونل مجاز ادارو آهي.

عمران خان طرفان داخل ڪرايل جواب ۾ استدعا ڪئي وئي ته ن ليگ جي درخواست تي قانون خلاف ۽ ٻڌڻيءَ جوڳي نه آهي، جنهن ڪري اها رد ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*