نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته جهانگير ترين ٽيڪس گوشوارن ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ڌار ڌار ڪهاڻيون ٻڌايون

daniyal aziz

نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته جهانگير ترين ٽيڪس گوشوارن ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ڌار ڌار ڪهاڻيون ٻڌايون، عمران خان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس پڪڙي آڻينداسين، عمران خان جو اصل چهرو تمام جلد قوم سامهون آندو ويندو.

اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته عمران خان ۽ جهانگير ترين باقي پاڪستان کي درس ڏين ٿا ۽ پاڻ اهو سڀ ڪم ڪيو آهي.

هن چيو ته جهانگير ترين پنهنجي ٽيڪس گوشوارن ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ٽَي ڌار ڌار ڪهاڻيون ٻڌايون، اسان پهريان به چيو هو ته هــُو ڀڄي ويندو ۽ اسين پڪڙي آڻينداسين.

دانيال عزيز چيو ته عمران خان جي معافي جا ڏينهن به اچي رهيا آهن ۽ سزا جا ڏينهن به اچن پيا، سندس اصل چهرو قوم سامهون آندو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*