آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان اسٽيوِ سمٿ چيو آهي ته ڀارتي ٽيم کي سندن هوم گرائونڊ تي شڪست ڏيڻ لاءِ سمورن رانديگرن ڀرپور تياري ڪئي آهي

Smith-Aus-Cricketer-15217

آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان اسٽيوِ سمٿ چيو آهي ته ڀارتي ٽيم کي سندن هوم گرائونڊ تي شڪست ڏيڻ لاءِ سمورن رانديگرن ڀرپور تياري ڪئي آهي.

آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم چار ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ ڀارتي شهر ممبئي پهچي وئي آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪينگروز جي ٽيم جي ڪپتان چيو ته هو ميزبان ٽيم خلاف سيريز ۾ فتح حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ مڪمل پلان تحت آيا آهن.

هن چيو ته ميزبان ٽيم کي هو گرائونڊ ۽ هوم ڪرائونڊ جو ايڊوانٽيج حاصل آهي، پر هو کين شڪست ڏيڻ لاءِ سٺي تياري ڪري ِِآياآهن.

اسٽو سمٿ چيو ته ڀارتي وڪيٽون اسپنرز کي سپورٽ ڪنديون آهن، پرسندس ٽيم جي بيٽنگ انهن کي منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿي.

واضح رهي ٻنهي ٽيمن وچ۾ چار ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 23 فيبروري تي پوني ۾ کيڏي ويندي،جنهن کان اڳ 17 کان 19 فيبروري تي هڪ پريڪٽس ميچ شيڊيول آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*