پاڪستان وومن ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ثناءِ مير ورلڊڪپ ڪواليفائرز ميچز ۾ بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪري آهي

Sana-MIR-15217

پاڪستان وومن ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ثناءِ مير ورلڊڪپ ڪواليفائرز ميچز ۾ بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪري آهي،جنهن اعلان ڪيو آهي ته هلندڙ سال انگلينڊ ۾ رٿيل وومن ڪرڪيٽ ورلڊڪپ سندس ڪپتان جي حيصيت سان آخري ورلڊڪپ هوندو.

هن انٽرويو ۾ ثناءِ مير چيو ته ون ڊي ڪرڪيٽ ۾سندس اهو ارادو آهي ته ورلڊڪپ جون ميچز سندس ڪيريئر جون آخري ميچز هجن، پر ڪپتان جي حيصيت سان اهو ميگا ايونٽ آخري هوندو.

ورلڊڪپ ڪواليفائنگ رائونڊز ميچز ۾ ثناءِ مير بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي هڪ سو وڪيٽون پوريون ڪري ورتيون آهن ۽ اهو اعزاز حاصل ڪندڙ هوءَ پهرين پاڪستاني آهي ۽ دنيا جي ڇهون نمبر بهترين آلرائونڊر بڻجي وئي آهي.

سندس چوڻ آهي ته هڪ سو وڪيٽون حاصل ڪرڻ وڏو اعزاز آهي ۽ اميد آهي ته نوجوان رانديگرياڻيون اڳتي اينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*