پاڪستان سپر ليگ جي چيئرمين نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ منعقد ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت رانديگرن کان معلوم ڪري فيصلوڪيو ويندو

Najam-Sethi-221016

پاڪستان سپر ليگ جي چيئرمين نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ منعقد ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت رانديگرن کان معلوم ڪري فيصلوڪيو ويندو.

نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته 22فيبروري تي فرينچائز ۽رانديگرن آڏو نئون ڊرافٽ رکنداسين.

چيئرمين پاڪستان سپر ليگ نجم سيٺي وڌيڪ چيو ته اسپاٽ فڪسنگ معاملي بابت آءِ سي سي سان مسلسل رابطي ۾ آهيون ۽ ڪجهه ڏينهن پهرين ناصر جمشيد کي ان حوالي سان معطل ڪيو ويوهو.

هن وڌيڪ چيو ته شرجيل خان جيڪو ڪجهه ڪيو، ان جو هنِ اعتراف به ڪيو آهي ۽ کين چارج شيٽ ڏني وئي آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هوته شرجيل خان ۽ خالد لطيف جون موبائل فونز پي سي بي وٽ آهن، جنهن مان وڌيڪ ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن.

نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته فرينچائز ۽ پي سي بي هڪ پيج تي آهن ته هر صورت ۾ ڪرڪيٽ مان ڪرپشن کي ختم ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*