پاڪستان سپر ليگ ۾ اڄ اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيمن وچ۾ ٿي رهي آهي

ISB-VS-Quetta-PSL-15217

پاڪستان سپر ليگ ۾ اڄ اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيمن وچ۾ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ٽيمن گذريل ڏينهن ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي.

پي ايس ايل جي ٻين ايڊيشن ۾ اڄ ٻئي ٽيمون پهريون ڀيرو هڪ ٻئي جي سامهون ٿي رهيون آهن.

ايونٽ ۾ پشاور زلمي جي ٽيم پوائنٽس ٽيبل تي وڌيڪ پوائنٽس سان موجود آهي، جنهن ٽي ميچز کيڏيون آهن، جن مان ٻن ۾ کين فتح ۽هڪ ۾ شڪست ملي آهي ۽سندن چار پوائنٽس آهن.

ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيم ٻه ميچز کيڏيون آهن ۽انهن کي ٻنهي ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ٿي آهي، چار پوائنٽس سان گڏ هو پوائنٽس ٽيبل تي موجود آهي.

لاهور قلندر جي ٽيم ايونٽ ۾ ٽي ميچز کيڏيون آهن،جن م کين هڪ ۾ فتح ۽ ٻن ۾ شڪست ملي، سندن مجموعي طور تي ٻه پوائنٽس آهن.

اسلام آباد يونائيٽڊ جي ايونٽ ۾ ٻه ميچز کيڏيون آهن،هڪ ۾ کين فتح ۽هڪ ۾ شڪست ملي آهي، سندن مجموعي پوائنٽس ٻه آهن.

ڪراچي جي ڪنگز جي ٽيم ايونٽ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهي آهي، جن ايونٽ ۾ مجموعي طور تي ٻه ميچز کيڏيون آهن ۽ٻنهي ۾ کين شڪست ملي، سندن ڪوبه پوائنٽ نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*