پي ٽي آءِ ترجمان نعيم الحق چيو آهي ته عمران خان ۽ جهانگير ترين خلاف نواز ليگ جا ريفرنس ۽ درخواستون رد ٿي وينديون

NaeemUl-haq-241117

پي ٽي آءِ ترجمان نعيم الحق چيو آهي ته عمران خان ۽ جهانگير ترين خلاف نواز ليگ جا ريفرنس ۽ درخواستون رد ٿي وينديون، شهنشاهه مغلظات بوکلاهٽ ۾ الزام به لڳائين ٿا ۽ ڪوڙ به ڳالهائين ٿا.

اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نعيم الحق چيو ته اڄ چوٿون ڀيرو ن ليگ جي وڪيل اڪرم شيخ طرفان پيش نه ٿيڻ جي درخواست ڏني وئي، 90 ڏينهن گذرڻ بعد هاڻي ريفرنسز جي اهميت به نه رهي آهي.

هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به درخواست ڏني آهي ته ريفرنسز جي هاڻي قانوني حيثيت ناهي رهي، هاڻي شهنشاهه مغلظات بوکلاهٽ ۾ الزام لڳائي رهيا آهن ۽ ڪوڙ به ڳالهائين پيا……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*