جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪومت ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪي آهي

siraj ul haq

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪومت ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪي آهي، سياسي تعصب جا حامي ناهيون پر ماضيءَ کان هاڻي تائين جن به ملڪ کي لٽيو آهي، سڀني جو احتساب ڪيو وڃي.

اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته جيڪي ماڻهو 2006ع ۾ ڪمپني جا مالڪ هئا، اهي اڄ ان جو نالو به نٿا ٻڌائي سگهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ سراج الحق چيو ته سندن جنگ ذاتي طور تي ڪنهن خلاف نه آهي پر هــُو چاهين ٿا ته پاناما ڪيس ذريعي مستقبل لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي وڃي.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته قطري شهزادن جا خط حڪمرانن لاءِ نوح جي ٻيڙي نه پر ڪاغذ جي ٻيڙي بڻجي ويا آهن، افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته هن ملڪ ۾ قانون رڳو غريب کي پڪڙڻ لاءِ آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*