چين ۾ دهشتگرد پاران تيزدار اوزار سان حملو ڪري 5 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

China-knife-attack-15217

چين ۾ دهشتگرد پاران تيزدار اوزار سان حملو ڪري 5 ڄڻن کي قتل  ڪري ڇڏيو، جوابدار جي حملي ۾ 5 ڄڻا  سخت زخمي ٿي پيا، پوليس جي فائرنگ ۾ حملي آور ٿڏي تي  مارجي ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي سنڪيانگ ريجن ۾ چاقو بردار جوابدار  حملو ڪري 5 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڏوهاري جي حملي ۾ 5  ڄڻاسخت زخمي ٿي پيا.

پرڏيهي ميڊيا موجب دهشتگرد جي حملي ۾ مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي .

پرڏيهي ميڊيا موجب  پوليس پاران جوابي فائرنگ  ۾ حملي آور مارجي ويو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*