وزيراعظم نواز شريف سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات ملاقات ڪري ملڪي سڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي

Nawaz-Sharif-Chief-Army-Staff-15217

وزيراعظم نواز شريف سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات ملاقات ڪري ملڪي سڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات وزير اعظم هائوس پهچي ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ملڪ جي سڪيورٽي صورتحال سميت مختلف پيشيوراڻن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

وزيراعظم ۽ جنرل زبير محمود حيات لاهور ۾ شهيد ٿيل پوليس آفيسرن کي خراج تحسين پيش ڪندي عزم ورجايو ته اهڙي قسم جي بزدلاڻين ڪاررواين سان دهشتگردي جي خاتمي جي قومي عزم کي ڪمزور نٿو ڪري سگهجي.

وزيراعظم سان ملاقات ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيو ته هٿياربند فوج ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، جڏهن ته ملاقات دوران هٿياربند فوج جي ترقياتي پروگرام ۽ اسٽريٽجڪ معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*