سپريم ڪورٽ چيو آهي ته پاناما ڪيس ۾ روز نوان نوان مفروضا سامهون اچي رهيا آهن

Supreme-Court-18816

سپريم ڪورٽ چيو آهي ته پاناما ڪيس ۾ روز نوان نوان مفروضا سامهون اچي رهيا آهن، جيڪڏهن سوالن جو سلسلو ائين ئي جاري رهيو ته هِي معاملو ڪيئن اڪلائي سگهبو.

سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس عظمت سعيد جي علالت سبب ٻن هفتن بعد شروع ٿي، جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.

وزيراعظم جي پٽن جي وڪيل سلمان اڪرم راجا پنهنجا تفصيلي دليل ڏنا، جنهن تي بئنچ چيو ته نوان مفروضا اچڻ بعد هي ڪيس وڌيڪ منجهي ويو آهي.

عدالت سلمان اڪرم راجا کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان وزيراعظم جي پٽن جي وڪيل کان 1999ع ۾ هڪ ٻار لاءِ چار فليٽس خريد ڪرڻ بابت پڇيو، اوهان چئو ٿا اسان وٽ ڪجهه به نه آهي.

جسٽس اعجاز افضل جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سوال جواب جو سلسلو شروع ٿي ويو ته بصر وانگر هڪ کانپوءِ هڪ پتو سامهون ايندو رهندو، اهڙي صورت ۾ سوالن جو سلسلو ڪٿي وڃي دنگ ڪندو.

جسٽس کوسا چيو ته نه ته ڪريمنل ٽرائل آهي ۽ نه ئي ڪريمنل ٽرائل آهي، ٻڌايو وڃي ته دستاويزن تي صحيحون ڪنهن ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ڪيون؟

ان کان اڳ وزيراعظم جي پٽن جي وڪيل سلمان اڪرم راجا ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي هڪ فيڪٽ شيٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي.

هن چيو ته شيٽ ۾ سندس خلاف الزامن جو مختصر جواب موجود آهي، وٽس جيڪو رڪارڊ موجود آهي، ان تحت ئي جواب ڏيندو.

سلمان اڪرم راجا ٻڌايو ته مون وٽ 45 سال پراڻو رڪارڊ موجود نه آهي، ايتري ڄاڻ آهي ته 1999ع واري مارشل لا سبب ڪيترائي خانداني دستاويز ضايع ٿي ويا.

هن چيو ته هــُو ڪيس ۾ ٽن رخن وزيراعظم جي تقرير ۽ انٽرويوز، سرڪاري رڪارڊ ۽ وزيراعظم جي کنيل قدمن جي حوالي سان دليل ڏيندو، سپريم ڪورٽ به چئي چڪي آهي ته عوامي مفاد واري ڪيس ۾ ڪنهن کي جوابدار قرار نٿو ڏئي سگهجي، تنهنڪري ادارا ٺاهيا ويا آهن، جن کي قانون موجب ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي.

سلمان اڪرم راجا چيو ته پاناما ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ پاڻ انڪوائري نٿي ڪري سگهي، رڳو ڪميشن ٺاهيندي، سوال اهو به آهي ته ڪميشن فوجداري ڪيس وانگر ٽرائل ڪري سگهندي.

لنڊن فليٽس تي دليل ڏيندي حسن ۽ حسين نواز جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته حسن نواز لنڊن فليٽس ڏاڏي جي ڪاروبار ذريعي ورتا، فليٽس وزيراعظم غلط طريقي سان خريد ڪيا پر اهڙي ڪنهن بدعنواني جو رڪارڊ سامهون نه آيو.

اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ جي دستاويزن تي دليل ڏيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته اها رپورٽ ان وقت تيار ڪئي وئي، جنهن کي سرڪاري سطح تي ڪابه جاچ نه سونپي وئي هئي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*