پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف ۽ سندس ٻارن جي ڏنل بيانن ۽ عدالت ۾ جمع ڪرايل دستاويزن ۾ تمام وڏو تضاد آهي

imran khan

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف ۽ سندس ٻارن جي ڏنل بيانن ۽ عدالت ۾ جمع ڪرايل دستاويزن ۾ تمام وڏو تضاد آهي.

اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته حڪمران دستاويزن کانسواءِ ڪوبه ثبوت پيش نه ڪري سگهيا، جيڪي پاڪستان ۾ ٺهي سگهن ٿا، باقي ٻاهران دستاويز عدالت ۾ پيش نه ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته سندس ملڪيت جا سمورا دستاويز اليڪشن ڪميشن ۾ موجود آهن، 20 سال پراڻي مني ٽريل جا دستاويز به آهن پر اليڪشن ڪميشن فيصلو نه ڪري رهي آهي.

عمران خان چيو ته عدالت ۾ 9 مهينن کان دستاويز ئي پيش نه ڪيا ويا، جڏهن ته مريم نواز وٽ ڪي پئسا ئي نه هئا، سڀ ڪجهه نواز شريف جو هو، ميان صاحب ڪيس ۾ ڦاسڻ کان بچڻ لاءِ مريم نواز کي بچائي رهيو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*