ڪوٽڙي ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم سائيٽ انجنيئر جي آفيس تي ڇاپو هڻي زمينن جي خريد ۽ وڪري سميت ترقياتي ڪمن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

kotri anty cruption chapo

ڪوٽڙي ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم سائيٽ انجنيئر جي آفيس تي ڇاپو هڻي زمينن جي خريد ۽ وڪري سميت ترقياتي ڪمن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

اينٽي ڪرپشن جي ٽيم مئجسٽريٽ سان گڏ سائيٽ واري علائقي ۾ سائيٽ انجنيئر جي آفيس تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي.

اينٽي ڪرپشن جي ٽيم زمينن جي خريد ۽ وڪري جو 6 سالا رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ترقياتي ڪمن جو رڪارڊ پڻ ضبط ڪيو ويو.

اينٽي ڪرپشن عملدارن موجب سائيٽ انجنيئر جي آفيس ۾ زمينن جي خريد ۽ وڪري ۾ جعلسازي ٿي آهي، معاملي جي جاچ ڪئي ويندي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*