ڪراچي جي عدالت اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ فراڊ واري ڪيس ۾ ملوث جوابدار واصق کي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي

ATC-Karachi-171016

ڪراچي جي عدالت اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ فراڊ واري ڪيس ۾ ملوث جوابدار واصق کي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ فراڊ ۾ ملوث جوابدار واصق کي جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ايف آءِ اي عدالت کي آگاهي ڏني ته جوابدار خلاف مختلف ٿاڻن تي  چيڪ بائونس ۽ فراڊ  جا 11ڪيس داخل ٿيل آهن، جڏهن ته جوابدار اسٽاڪ ايڪسچينج جي نالي تي شهرين کان ڪروڙين رپيا لٽيا آهن.

عدالت جوابدار کي 20 فيبروري تائين جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*