وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ جي تياري ڪري ورتي، اوگرا پيٽروليم شين ۾ 16 رپين تائين واڌ تجويز ڏئي ڇڏي

Pakistan-Petrol-ogra-30-7

وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ جي تياري ڪري ورتي، اوگرا پيٽروليم شين ۾ 16 رپين تائين واڌ تجويز ڏئي ڇڏي.

اوگرا تيل اگهن ۾ واڌ واري سمري تيار ڪري پيٽروليم واري وزارت ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي، جنهن ۾ تيل اگهن ۾ 16 رپين تائين واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي.

سمري ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 91 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 3 پئسا في ليٽر اضافي جي سفارش ڪئي وئي آهي.

اوگرا ذريعن موجب لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 12 رپيا 53 پئسا ۽ گاسليٽ جي اگهه ۾ 16 رپيا 71 پئسا واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته قيمتن ۾ اضافي جي تجويز 15 ڏينهن لاءِ آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*