جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان جي نالي تي مذهب ۽ فرقي کي نشانو بڻايو پيو وڃي

fazal ur rehman

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان جي نالي تي مذهب ۽ فرقي کي نشانو بڻايو پيو وڃي، جنهن جي حمايت نٿي ڪري سگهجي.

پشاور ۾ پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته سياسي جماعتن جي اڪثريت نيشنل ايڪشن پلان تي خدشا ظاهر ڪيا هئا.

هن چيو ته مدرسن خلاف ناڪاري تاثر کي ختم ڪيو وڃي، مدرسن کي انهن جو جائز مقام ڏنو وڃي.

فضل الرحمان چيو ته فاٽا جا ماڻهو اڃا تائين گهرن تائين ناهن پهتا، سندن زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ فنڊ جاري ڪيا وڃن.

هڪ سوال جي جواب ۾ جي يو آءِ سربراهه چيو ته فاٽا سڌارا ڪميٽي جي رپورٽ ۾ فاٽا کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، جنهن تي ان کي اعتراض ناهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*