سعودي عرب جو نئون بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز به پاڪستان جو بهترين دوست ثابت ٿيندو صدر ممنون حسين

صدر ممنون حسين چيو آهي ته شاهه عبدالله بن عبدالعزيز وانگي سعودي عرب جو نئون بادشاه شاهه سلمان بن عبدالعزيز به پاڪستان جو بهترين دوست ثابت ٿيندو.

نئين سعودي عرب جي بادشاهه ڏانهن اماڻيل پنهنجي نيڪ تمنائن واري پيغام ۾ صدر ممنون حسين چيو ته کيس اميد آهي ته شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي دور ۾ پاڪ-سعودي دوستي نين بلندين کي ڇهندي.

هن چيو ته سعودي عرب جي نئين بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز جي حڪمراني واري دور ۾ ٻنهي برادر ملڪن جا دوستاڻا لاڳاپا مضبوط ٿيندا.

صدر شاهه عبدالله بن عبدالعزيز جي وڇوڙي تي شاهه سلمان سان تعزيت ڪندي کيس ڄاڻايو آهي ته شاهه عبدالله بن عبدالعزيز جي لاڏاڻي تي پاڪستان کي دلي صدمو رسيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*