قمبر ويجهو پلال جي کري کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 6 ورهين جو معصوم ٻارڙو سڙي فوت ٿي ويو آهي

kamber

قمبر ويجهو پلال جي کري کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 6 ورهين جو معصوم ٻارڙو سڙي فوت ٿي ويو آهي.

ڳوٺ فيروز ڀٽي ۾ زمين ۾ رکيل پلال جي کري کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ راند ڪندڙ 6 ورهين جو معصوم ٻارڙو وسيم احمد ڀٽي سڙي فوت ٿي ويو.

سڙي فوت ٿيل معصوم نينگر جو لاش گهر آندو ويو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ سندس ماءُ کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا.

اطلاع تي قمبر مان فائر برگيڊ جي گاڏي واقعي واري هنڌ پهچي پلال جي کري کي لڳل باهه وسائي ورتي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*