پنوعاقل ۾ جوابدار پنهنجي زال کي باهه ڏئي جيئرو ساڙڻ بعد فرار ٿي ويو

پنوعاقل ۾ جوابدار پنهنجي زال کي باهه ڏئي جيئرو ساڙڻ بعد فرار ٿي ويو آهي، واقعي جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن.

پنوعاقل جي ميگر ڪالوني ۾ جوابدار علي احمد جتوئي پنهنجي نوجوان زال حميده جتوئي کي باهه ڏئي جيئرو ساڙي ڇڏيو.

واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو آهي، پوليس مقتول عورت جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو.

پوليس جو چوڻ آهي ته زال ۽ مڙس گهر ۾ اڪيلا رهندا هئا، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

زال کي باهه ڏيڻ بعد جوابدار فرار ٿي ويو آهي، پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*