اين اي هڪ سئو 22 تي مبينا ڌانڌلين ڪيس ۾ جاچ ڪميشن جي سربراهه اليڪشن ٽربيونل ۾ بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

لاهور جي قومي تڪ اين اي هڪ سئو 22 تي مبينا ڌانڌلين واري ڪيس ۾ ووٽن جي ڳڻپ ۽ رڪارڊ جي معائني لاءِ جوڙيل جاچ ڪميشن جي سربراهه اليڪشن ٽربيونل ۾ بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي، ڪميشن جي سربراهه ٻڌايو آهي ته تڪ جي ڪيترن ئي ٿيلهن ۾ فارم 14 ۽ 15 موجود ئي نه هئا ۽ ڪائونٽر فائليز تي پولنگ عملي جون صحيحون  به ٿيل نه هيون، 30 هزار ووٽ رد ڪرڻ بابت فيصلو ٽربيونل کي ڪرڻو آهي.

اليڪشن ٽربيونل لاهور جي سربراهه ڪاظم علي اين اي هڪ سئو 22 تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي ڪاميابي خلاف پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران اليڪشن ٽربيونل جي حڪم تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ جوڙيل جاچ ڪميشن جي سربراهه غلام حسين اعواڻ، اسپيڪر اياز صادق ۽ عمران خان جي وڪيلن جي موجودگي ۾ ٽربيونل آڏو بيان رڪارڊ ڪرايو.

ڪميشن جي سربراهه چيو ته ٽربيونل جي حڪم تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۽ نمائندن جي موجودگي ۾ چونڊ رڪارڊ جي جاچ پڙتال ڪري رپورٽ جوڙي وئي آهي، جن بيلٽ پيپرز تي پولنگ عملي جا ٺپا ۽ صحيحون نه هيون، انهن کي رد ڪيو ويو آهي.

غلام حسين اعواڻ چيو ته عمران خان ۽ اياز صادق جي وڪيلن جي موجودگي ۾ ٿيلهيا کوليا ويا ۽ اهو سچ آهي ته ڪيترن ئي ٿيلن جا سيل ٽٽل هئا، ڪميشن کي پولنگ عملي جي لاپرواهي ۽ غفلت جا ڪيترائي ثبوت پڻ مليا آهن.

جاچ ڪميشن جي سربراهه ٻڌايو ته 30 هزار کان وڌيڪ ڪائونٽر فائلز تي پولنگ عملي جون نه ئي صحيحون ٿيل آهن ۽ نه ئي ٺپا لڳل آهن، اهڙي ووٽن کي رد ڪرڻ جو فيصلو اليڪشن ٽربيونل کي ڪرڻو آهي.

غلام حسين اعواڻ ٻڌايو ته ڪيترن ئي ٿيلهن ۾ فارم نمبر 14 ۽ 15 به موجود نه هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*