سکر پوليس باگڙجي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيل فوجي جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

sukker police mukablo

سکر پوليس باگڙجي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيل فوجي جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ايس ايس پي سکر امجد شيخ موجب مارجي ويل ڌاڙيل ٻن اهلڪارن جي قتل سميت 30 ڪيسن ۾ گهربل هو، مٿس 5 لک رپيا انعام جي سفارش ٿيل هئي.

ايس ايس پي سکر موجب ڌاڙيل فوجي جتوئي باگڙجي جي ڪچي واري علائقي ۾ مارجي ويو، جنهن وٽان ڪلاشنڪوف هٿ آئي آهي.

ايس ايس پي موجب مارجي ويل ڌاڙيل پريالو ويجهو ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ شهيد ٿيل ٻن پوليس اهلڪارن جي قتل سميت، ڦر ۽ ڌاڙي جي 30 ڪيسن ۾ گهربل هو.

امجد شيخ موجب مارجي ويل ڌاڙيل فوجي جتوئي تي 5لک ريپن جي انعام جي سفارش ٿيل هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*