وزيراعظم نواز شريف قومي ايڪشن پلان تي عملدر آمد لاءِ گهربل فنڊ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

وزيراعظم نواز شريف، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جوڙيل قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ گهربل فنڊ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جوڙيل قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ۽ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد سميت ملڪ ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي غور ڪيو ويو.

ذريعن موجب، وزيراعظم نواز شريف، ناڻي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ سمورا گهربل فنڊ فراهم ڪيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*