برطانوي هاءِ ڪمشنر ٿامس ڊريو وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان ملاقات ڪئي آهي

chodhari nisar

برطانوي هاءِ ڪمشنر ٿامس ڊريو وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان ملاقات ڪئي آهي، چوڌري نثار چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ڊگهي آهي، وقت اچي ويو آهي ته مستحڪم لاڳاپن جي راهه ۾موجود رنڊڪون ختم ڪيون وڃن.

اسلام آباد ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر ٿامس ڊريو وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان ملاقات ڪري دهشتگردي خلاف سهڪار سميت ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون.

ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته دهشتگردي جو ناسور ڪنهن هڪ ملڪ لاءِ نه پر علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ وڏو خطرو آهي.

هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ جاري رکي ويندي، پاڪستان ان ناسور جون پاڙون پٽڻ لاءِ پر عزم آهي.

هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ڊگهي آهي، وقت اچي ويو آهي ته مستحڪم لاڳاپن جي راهه ۾ موجود سموريون رنڊڪون ختم ڪيون وڃن…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*