حيدرآباد ۾ واسا ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ۽ احتجاج جاري آهي

hyd wassa mulazim

حيدرآباد ۾ واسا ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف  ڪم ڇڏ هڙتال ۽ احتجاج جاري آهي، 6 مهينن کان پگهار کان محروم ملازم پاران آپگهات ڪرڻ واري  واقعي بعد دل جو دورو پوڻ سبب وڌيڪ هڪ ملازم فوت ٿي ويو آهي.

پگهارون نه ملڻ خلاف واسا ملازمن  پاران حيدرآباد شهر کي پاڻي جي فراهمي ۽ سيوريج لائين بند ڪري شروع ڪيل احتجاج جاري آهي.

واسا ملازمن جو چوڻ آهي ته پگهارون ملڻ تائين احتجاج جاري رهندو.

 پگهار نه ملڻ خلاف گذريل ڏينهن هڪ ملازم عتيق الدين جي آپگهات ڪرڻ بعد پگهار کان محروم هڪ ملازم اصغر راجپوت به جو دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو.

واسا ملازمن جو چوڻ آهي ته اصغر راجپوت پگهار نه ملڻ سبب ذهني پريشاني ۾ مبتلا هو، جنهن سبب کيس دل جو دورو پيو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*