ٺل ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران شهر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ آبادگارن کي سارين جو مناسب اگهه نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ٺل ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران شهر ۾ وڌاندڙ بدامني ۽ آبادگارن کي سارين جو مناسب اگهه نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

آبادگارن کي سارين جو مناسب اگهه نه ملڻ ۽ شهر اندر وڌيندڙ بدامني خلاف جسم پاران حاجي عيدن ٻرڙو، جان محمد جعفري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت سارين جي آبادگارن کي مناسب اگهه نه ڏئي سندن معاشي قتل ڪيو پيو وڃي.

هنن چيو ته شهري مسئلا حل نه ٿيڻ ڪري عوام مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي، شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ڦرون، ڌاڙا روز جو معملو بڻيل آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته سارين جو امدادي اگهه مقرر ڪري آبادگارن کي معاشي بحران کان بچايو وڃي ۽ شهر ۾ امن امان بحال ڪري شهرين کي سک سان جيئڻ ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*