سيوهڻ ۾ قلندر لال شهباز جي درگاهه اندر بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 70 کان وڌيڪ پانڌيئڙا شهيد ۽ اڍائي سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

Sewan-Blast-16217

سيوهڻ ۾ قلندر لال شهباز جي درگاهه اندر بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 70 کان وڌيڪ پانڌيئڙا شهيد ۽ اڍائي سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، تعلقا اسپتال جي ايم ايس جو چوڻ آهي ته 70 کان وڌيڪ لاش اسپتال آندا ويا آهن، اکين ڏٺن شاهدن موجب ڌماڪي وقت درگاهه اندر ڌمال هلي رهي هئي ۽ 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا.

قلندر شهباز جي درگاهه اندر بم ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هر طرف قيامت جو منظر ڇائنجي ويو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 70 کان وڌيڪ پانڌيئڙا شهيد ۽ اڍائي سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

ڌماڪي وقت درگاهه اندر قيامت صغرا برپا ٿي وئي ۽ درگاهه ۾ موجود پانڌيئڙن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جڏهن ته هر طرف لاش ئي لاش پکڙيل نظر آيا.

ڌماڪي کانپوءِ درگاهه قلندر شهباز ۽ ڀرپاسي جي بجلي بند ٿي وئي، جنهن ڪري فوري طور امدادي ڪارروائيون شروع نه ٿي سگهيون ۽ ڪيتري ئي دير تائين شهيد ٿيلن جا لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيا.

اکين ڏٺن شاهدن موجب خميس جو ڏينهن هجڻ سبب زائرين جو وڏو انگ درگاهه اندر موجود هو ۽ ڌماڪو درگاهه اندر ان وقت ٿيو، جنهن وقت ڌمال هلي رهي هئي.

ڌماڪي بعد سنڌ جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري زخمين کي سيوهڻ، حيدرآباد، ڪراچي، لاڙڪاڻو، ڄامشورو ۽ نوابشاهه جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جتي ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيلن ۾ 3 ٻارڙا  امينه، تهمينه، مجاهد لاڙڪاڻي واسي فياض علي ويسر، نجيب شيخ، نئون ديرو واسي پيرل خاصخيلي، رضوان، بخشل کوکر، ڪاشف، ڪلثوم خاصخيلي ۽ ٻيا شامل آهن.

تعلقا اسپتال سيوهڻ جي ايم ايس جو چوڻ آهي ته 70 کان وڌيڪ لاش اسپتال آندا ويا آهن، جڏهن ته 254 زخمي آهن، جن مان 40 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

تعلقه اسپتال سيوهڻ جي ايم ايس موجب زخمين کي پاڪ فوج جي هيلي ڪاپٽرن وسيلي نوابشاهه، حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٻين شهرن جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*