پاڪ فوج سيوهڻ ڌماڪي جي زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي

ISPR-16816

پاڪ فوج سيوهڻ ڌماڪي جي زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجي ملڪ جو دفاع ۽ جوابي ڪارروائي ڪنداسين.

آءِ ايس پي آر موجب سيوهڻ ۾ درگاهه قلندر ۾ ٿيل ڌماڪي جي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جي ٽيمن پاران ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي اونداه ۾ اڏام ڪندڙ هيلي ڪاپٽرن وسيلي ڌماڪي جي زخمين کي مختلف شهرن جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي.

پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جا تازا واقعا دشمن قوتن ۽ افغانستان ۾ موجود دهشتگردن پاران ڪرايا پيا وڃن.

ترجمان موجب پاڪ فوج پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪندي ۽ ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*