وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قلندر شهباز جي درگاهه تي ٿيل بم ڌماڪي جي مذمت

Murad-Ali-Shah-27716

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قلندر شهباز جي درگاهه تي ٿيل بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته درگاهه تي بم حملي بابت اڳواٽ ڪو به اطلاع نه هو، پهرين ترجيح زخمين کي علاج جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي، امدادي ڪاررواين کي تيز ڪرڻ لاءِ پاڪ آرمي کان به مدد ورتي پئي وڃي.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سيوهڻ ڌماڪي کانپوءِ سنڌ جي ٻين درگاهن جي به سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي ۽ سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

وڏي وزير چيو ته ريسڪيو ڪارروائين لاءِ آرمي کان مدد ورتي پئي وڃي، جڏهن ته پاڪ آرمي کان اونڌهه ۾ اڏام ڪندڙ هيلي ڪاپٽر پڻ ورتا ويا آهن، جن وسيلي زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي.

وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سيوهڻ ڌماڪي بعد پوليس کي سنڌ ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*