آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا سيوهڻ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 55 کان وڌيڪ ماڻهن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته شروعاتي جاچ ۾ڌماڪو آپگهاتي لڳي رهيو آهي

IG-Khuwaja-23816

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا سيوهڻ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 55 کان وڌيڪ ماڻهن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته شروعاتي جاچ ۾ڌماڪو آپگهاتي لڳي رهيو آهي.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جو چوڻ هو درگاهه قلندر تي ڌماڪي وارو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي.

هن چيو ته شروعاتي جاچ موجب ڌماڪو آپگهاتي لڳي رهيو آهي ۽ شڪ آهي ته آپگهاتي بمبار هڪ عورت ٿي سگهي ٿي.

هن چيو ته قلندر شهباز جي درگاهه تي حملي بابت اڳواٽ ڪي به اطلاع نه هئا پر ملڪ ۾ دهشت گرديءَ جي لهر سبب سڪيورٽيءَ لاءِ اپاءَ ورتا ويا هئا.

آءِ جي سنڌ چيو ته درگاهه قلندر شهباز تي ڌماڪي بعد پوليس کي سنڌ جي ٻين درگاهن تي سڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*