لاهور هاءِ ڪورٽ حڪومت کي سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن جي سڪيورٽي جي نگراني جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ، عوام ۾ سڪيورٽي جي آگاهي بابت مهم شروع ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته حڪومت، سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن جي سڪيورٽي جي نگراني ڪري.

جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ تعليمي ادارن جي سڪيورٽي بابت بند ڪمري ۾ ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران عدالت، تعليمي ادارن جي سڪيورٽي بابت 6 رهنما اصول جاري ڪيا، جن تي حڪومت کي فوري عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

عدالت حڪم ڏنو آهي ته سڪيورٽي بابت شڪايت کان ڊي سي او کي اگاهه ڪيو وڃي، جن ادارن کي وڌيڪ سڪيورٽي گهربل هجي، اهي به ڊي سي او سان رابطو ڪن.

عدالت تعليمي ادارن جي سڪيورٽي بابت آڊٽ ڪميٽي جو اجلاس روزانو منعقد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته حڪومت عوام ۾ سڪيورٽي بابت آگاهي مهم شروع ڪري، سڪيورٽي خرچ شاگردن کان فيس ذريعي وصول نه ڪيا وڃن.

عدالت، اهو به حڪم ڏنو ته حڪومت، سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن جي سڪيورٽي جي پاڻمرادو نگراني ڪري، جنهن بعد ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*