سيوهڻ ڌماڪي کانپوءِ اڄ ٻئي ڏينهن به قلندر لال شهباز جي مزار زائرن لاءِ بند آهي

Sehwan-17217

سيوهڻ ڌماڪي کانپوءِ اڄ ٻئي ڏينهن به قلندر لال شهباز جي مزار زائرن لاءِ بند آهي، جنهن ڪري زائرين پوليس وچ ۾ چڪريون به ٿيون ۽ مڇريل ماڻهن پوليس کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، سڪيورٽي خدشن سبب ڀٽ شاهه ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سميت ٻين شهيدن جي مزارن کي به بند ڪيو ويو.

گذريل ڏينهن درگاهه قلندر لال شهباز جي مزار جي احاطي ۾ ڌماڪي ۾ 80 ڄڻن جي شهيد ٿي وڃڻ کانپوءِ اڄ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، صبح سوير ئي زائرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون شروع ٿي ويون.

زائرين سڪيورٽي ٽوڙي مزار اندر داخل ٿي ويا ۽ سخت احتجاج ڪيو، جنهن بعد پوليس ۽ رينجرز جي وڌيڪ نفري طلب ڪري ماڻهن کي مزار مان ٻاهر ڪڍيو ويو.

درگاهه جو سونو دروازو ۽ قديم علم پاڪ وٽان واقع گيٽ بند ڪري پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مڇريل ماڻهن درگاهه ٻاهران بيٺل پوليس موبائل کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

سيوهڻ ڌماڪي کانپوءِ ڀٽ شاهه ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار جي سڪيورٽي به سخت ڪئي وئي آهي ۽ زائرين کي جهڙتي کانپوءِ اندر وڃڻ ڏنو پيو وڃي.

ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پڻ سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن کي بند ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به درگاهن ۽ مزارن جي سڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*