سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت روينيو کاتي جي ملازمن کي پنهنجي کاتن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي مخدوم جميل الزمان

روينيو کاتي جي صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان، سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ ڊيپوٽيشن ۽ ڊيٽيلمينٽ تي ٻين کاتن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي پنهنجي کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته ٻين کاتن ۾ ويل ملازمن جي فهرست تيار ڪئي وئي آهي.

صوبائي وزير جميل الزمان، 19 سئو 94 کان روينيو کاتي ۾ ڊيپوٽيشن، ڊيٽيلمينٽ ۽ ٻين کاتن ۾ ضم ٿي ويل  ملازمن جون فهرستن تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

صوبائي وزير جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت روينيو کاتي جي ملازمن کي پنهنجي کاتن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جنهن تي تيزي سان عملدرآمد ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*